شيخ موتيو ۽ شيخ جيئو جو مقام

شيخ موتيو ۽ شيخ جيئو جو مقام: هيءُ مقام مخدوم صاحب مقام جي اولهه طرف بهاول ڏانهن ويندڙ رستي جي ڏکڻ- اولهه ۾ 26048'45'' ڊگريون اتر ڊگهائي ڦاڪ ۽ 67042'30'' اوڀر ڊگريون اوڀر ويڪرائي ڦاڪ تي ضلعي دادو ۾ واقع آهي. هيءُ قبرستان هڪ دڙي تي آهي، جيڪو ڏسڻ ۾ مصنوعي ٿو لڳي. هيءُ مقام ارڙهين/ اڻويهين صديءَ جو ۽ 4 کان 5 ايڪڙن تي مشتمل آهي. هن مقام ۾ بي شمار عام قبرن سان گڏ ٻه مقبرا آهن، جن بابت ڪا مستند تاريخ نٿي ملي پر مقامي ماڻهن جي عام راءِ موجب ڏکڻ طرف وارو مقبرو شيخ جيئو ۽ اتر طرف وارو مقبرو شيخ موتيي جو آهي. معمولي فرق سان ٻنهي مقبرن جي بناوٽ هڪجهڙي آهي ۽ ڏسڻ ۾ لڳي ٿو ته اهي مقبرا تقريباً سؤ سال پراڻا آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو